ڀلي جيل ۾ واڙيو اسان جو ڀاءُ نه جهڪندو: عليمه خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ڀاءَ سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي اٽڪ جيل سامهون ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ۽ عظميٰ خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ هاءِ ڪورٽ اچي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو، ٻڌو آهي ته وڪيل جو پيٽ خراب ٿي ويو آهي ۽ هو بستر ڀيڙو ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته جيترا ڏينهن عمران خان جيل ۾ آهي سندن پيٽ خراب رهندا، هاءِ ڪورٽ ۽ سُپريم ڪورٽ بيوس آهن.

عليمه خان چيو ته چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو تحفظ اختيارين جي ذميواري آهي، پيٽ خرابي جو ڊرامو ختم ٿيڻ تائين ذميواري لاڳاپيل اختيارين جي آهي، پنگ پانڪ گيم کيڏي پئي وڃي، مونکي به آواز اُٿارڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ واڙيو ويندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان دعويٰ ڪئي آهي ته مختلف ذريعن وٽان عمران خان کي مُلڪ ڇڏڻ جو چيو ويو پر سندس چوڻ هو ته ڪير پنهنجو گهر به ڇڏيندو آهي ڇا؟ .

عليمه خان چيو ته مون تي چار ۽ عظميٰ خان تي ڇهه ڪيس ٺاهيا ويا آهن، اسان کي بيگ پيڪ ڪري ڇڏيا آهن، ڀلي جيل ۾ بند ڪيو پر ياد رکو عمران خان نه جهڪندو، کيس وقت ملي ويو آهي هو قرآن جو دور ڪري رهيو آهي.

هن اعلان ڪيو ته عدالت خاطري ڪرائي آهي ته سومر تي ملاقات جو موقعو ملندو جيڪڏهن سومر تي اجازت نه ڏني وئي ته سومر تي اٽڪ جيل ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.