ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي سول سوسائٽي طرفان وارهه ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار نياڻي نازيه چنه سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته وارهه سنڌ جي نياڻي نازيه چنه سان جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي جيڪو ظلم آهي، هنن چيو ته هڪ واقعي خلاف احتجاج ڪيون ئي پيا ته اهڙا ٻيا واقعا پيش اچي ٿا چون اسين مطالبو ٿا ڪيون ته نياڻي نازيه چنه سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن گرفتار ڪري سندن کي سزا ڏني وڃي.