بيمارين کان بچڻ توڙي ٻين مقصدن لاءِ ڪيترائي آپريشنز ڪيا ويندا آهن جن ۾ ماڻهو جي عضون کي ڪٽيو ويندو آهي جنهن دوران رت وهڻ ته عام ڳالهه آهي.
يا وري ڪنهن حادثي وغيره ۾ زخمي ٿيڻ دوران ڪٽيل رت جي رنگن مان تيزي سان وهندڙ رت کي به بند نه ڪجي ته اهو موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو. هونئن ته آپريشن توڙي زخمن جي رت بند ڪرڻ لاءِ ڪيترائي طريقا ۽ دوائون آهن جن کي ڊاڪٽر استعمال ڪري رت بند ڪرڻ جي ڪوشش يا رت کي بند ڪندا آهن، پر سائنسدانن هاڻي هڪ اهڙو کنئور تيار ڪيو آهي جيڪو وهندڙ رت کي رڳو ويهه سيڪنڊن ۾ بند ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ بس رڳو زخم تي کنئور هاري ۽ انکي الٽرا وائليٽ روشني وڌي وڃي ته اهو فوري طور تي هائڊروجيل جي صورت اختيار ڪري ڄمي وڃي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي رت وهڻ بند ٿي وڃي ٿي. جيڪو عمل رڳو ويهه سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿئي ٿو.