هٿرادو ذهانت جا انقلاب، تمام جلد ڊاڪٽرن جي ضرورت گهٽجي ويندي!

دور گذرڻ سان گڏ سائنس جي دنيا ۾ جديديت ايندي پئي وڃي، مختلف شين جي ايجاد توڙي موجود ايجادن ۾ نواڻ انسان جي زندگي ۾ سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي.

تازو ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هٿرادو ذهانت جون انقلابي سرگرميون جتي روزگار، ڪم گهٽائڻ واري رجحاڻ ۽ ٻين نقصانن جو سبب بڻجي رهيون آهن اتي انهن جي فائدن کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي، هٿرادو ذهانت جي ذريعي اهڙا ته ڪم سرانجام ڏئي سگهجن ٿا جيڪي ان کان رڳو رڳو ڪاش ائين هجي ها تائين ئي محدود هئا. مثال طور هٿرادو ذهانت ۾ اهڙي پروگرام تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي مدد سان ذهن ۾ ايندڙ خيالن ۽ سوچن کي تصويرن جي صورت ڏئي سگهجي ٿي. اها ڪيڏي نه حيرن ڪندڙ ڳالهه چئبي جو ماڻهو جيڪڏهن سوين سال اڳ فوت ٿي ويل پنهنجي وڏڙن سا يا پنهنجي خوابن واري زندگي ۾ جيئڻ چاهي ته رڳو ان بابت سوچي انهن جون تصويرون ٺاهي سگهي ٿو. بهرحال هٿرادو ذهانت ڪٿي دنگ ڪندي اهو ته وقت ئي ثابت ڪندو پر هٿرادو ذهانت جي مدد سان صحت جي دنيا ۾ انقلابي ترقيون ٿيندي نظر اچن ٿيون جنهن جو هڪ مثال اڄ اسان پيش ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.