ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا اميشا پتيل پنهنجي فلم ”يه هي جلوا“ جي ناڪامي جو ملبو سپر اسٽار سلمان خان تي وجهي ڇڏيو.
ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اميشا پٽيل جو چوڻ هو ته فلم ”يه هي جلوا“ باڪس آڦيس تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي پئي پر ان وقت سلمان خان خلاف ڪيس جي ڪارروائي هلي رهي هئي جنهن سبب اها فلم ناڪام رهي.
هن چيو ته اها فلم ڊيوڊ ڌون جي بهترين فلمن مان هڪ هئي، سلمان خان ڪڏهن به ايترو پريشان نه لڳو جيترو فن فلم ۾ نظر آيو، موسيقي به عمدا هئي، سڀ ڪجهه سٺو هو پر سلمان خان جي ڪيس سبب فلم جي ريٽنگ تي ناڪاري اثر پيا.