”ايماندار گهرائينداسين“ سنڌ جي سڀني کاتن مان اعليٰ آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق سنڌ جي سمورن کاتن مان اعليٰ آفيسرن کي فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته صوبن مان بدلي ٿي آيل آفيسرن جي مقرري جو سبب ايمانداري کي ظاهر ڪرڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو مون چيف سيڪريٽري سنڌ کي رجيم چينج جو حڪم ڪيو آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت عام چونڊون ڪرائڻ آئي آهي پر اهو ڪم  اليڪشن ڪميشن جو آهي، اسان کي اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جو انتظار آهي، اسان چاهيون ٿا ته جلد اليڪشن ٿئي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهنگائي کان واقف آهيان، جيڪو واعدو ڪندس ان تي عمل به ٿيندو، ان لاءِ سڀ کان پهريان ڪڻڪ سستي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ته جئين غريبن کي اٽو سستو ملي ۽ جلد تمام بحرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.