ڪم ۽ رهائش لاءِ دنيا جا پنج بهترين ملڪ ڪهڙا آهن؟

پرڏيهه رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ بابت هڪ نئين سروي ۾ پرڏيهين جي رهڻ لاءِ بهترين ملڪن بابت هزارين ماڻهن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ملائيشيا کان وٺي ميڪسيڪو تائين غير ملڪن ۾ رهندڙ شهري ٻڌائين ٿا ته هنن جي پنهنجي نئين گھر سان محبت ڪرڻ جو ڇا سبب آهي.

”انٽرنيشنز“ نالي نيٽورڪ تازو ئي پنهنجي سالياني رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ گذر سفر خرچن کان وٺي رهائش ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي دستيابي تائين گھڻيون شيون شامل آهن.

ان سروي ۾ 171 قومن جي نمائندگي ڪندڙ ۽ 172 ملڪن يا خطن ۾ رهندڙ 12000 کان وڌيڪ پرڏيهين حصو ورتو جنهن جي بنياد تي ڪم ۽ رهڻ لاءِ بهترين ملڪن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي.

ميڪسيڪو ان فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ٻين تي اسپين، ٽين تي پاناما، چوٿين تي بحرين ۽ پنجين نمبر تي ملائيشيا آهي.

مٿي ڄاڻايل ملڪن کي دنيا ۾ ڪم ۽ رهائش لاءِ بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.