اسلام آباد (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شير پائو چيو آهي، ته بٽگرام ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي چيئر لفٽ ۾ ڦاسڻ جو ٻڌي تمام گهڻي ڳڻتي ٿي پئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙو اطلاع سڪون ڏيندڙ آهي، ته سيڪيورٽي فورسز جا خاص اهلڪار ۽ هيليڪاپٽر موقعي تي ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته سڀئي ٻار ۽ استاد خير سان ريسڪيو ٿي وڃن
گورنر ڪي پي جو بٽگرام چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن جي معاملي تي چيف سيڪرٽري سان رابطو
پشاور(م ڊ) گورنر ڪي پي ڪي هاجي غلام علي بٽگرام چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن جي معاملي جو نوٽس وٺندي چيف سيڪرٽري ڪي پي ڪي ۽ ڪمشنر هزاره ڊيويزن سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو آهي هن بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ فوري هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن کي فوري طور تي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ان کانسواءِ گور نر سان سينيٽر عبدالغفور حيدري جو به ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو آهي شاگردن جي خيريت ۽ ريسڪيو قدم بابت معلومات حاصل ڪئي