خيرپور(ڊ ر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر، مومن سمون،ديدار شام،ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ خيرپور ميرس بائي پاس شاھ حسين کان هزارين ماڻهن جي ريلي، پيادل مارچ، سنڌ ۾ فغانين پٺاڻن کي غير قانوني طور تي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف خيرپور ميرس ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ افغانين کي زمين الاٽ ڪئي وڃي پئي، جيڪو عمل سنڌ جي وجود خلاف آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته خيرپور ميرس جي ڊي سي به افغانين کي غير قانوني زمين الاٽ ڪري ڏني آهي، ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي گهر ڪري رهيا آهيون ته افغانين کي غير قانوني زمين الاٽ کي رد ڪري کاتا اصل مالڪن کي واپس ڏنا وڃن، جسقم چيئرمين راڻي پور جي نياڻيءَ فاطمه ڦرڙو ، شهيد صحافي جان محمد مهر ، اصغر کنڊ جي قتل سان انصاف جي گُهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ناانصافين، قتل اغوائن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي ۾ ويٺل جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان ڊي سي خيرپور ميرس جو رابطو ڪري خاطري ڪرائي ته افغانين کي زمين الاٽ رد ڪئي ويندي، ڌرڻي واري هنڌ اي ڊي سي ون ڪبير محمد شاهه، اي ڊي سي ٽو ظفر عباس عباسي ڳالهين لاءِ ڊي سي آفيس ۾ جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ،مومن سمون ويا جنهن بعد ڊي سي جي وفد سان واپس ڌرڻي ۾ پهتا ۽ هنن چيو ته افغانين کي زمين الاٽ ڪرڻ معاملو حل ڪرڻ لاءِ جسقم اڳواڻن ۽ کاتيدار ماڻهن سان گڏجي ڪاغذي ڪارروائي پوري مسئلو حل ڪيو ويندو، سرڪاري زمين تي افغانين جي والار کي به روڪيو ويندو، اهو سمورو عمل هڪ هفتي اندر پورو ڪيو ويندو، جسقم پاران معاملو حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ اعلان ڪيو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف ڪراچي ۾ صحافين جي ڌرڻي جي حمايت ڪندي ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڌرڻيءَ ۾ جسقم مرڪزي اڳواڻ آصف رضا مگسي، منور شيخ،راجا الطاف شر، اياز ڪورائي، جڏهن ته جسقم سنڌ جي مختلف ضلعي اڳواڻن ۾ عزيز شيخ، مختيار پنهور، شعبان ماٽي،رمضان خاصخيلي،فقير رمضان ڪلوڙ، فيصل مستوئي، ولي ڏنو سبزوئي، وارث خان جکراڻي سميت هزارين ماڻهو شريڪ هئا.