سائنسدانن نِنڊي ماڻهن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن نئين تحقيق ۾ گهڻي ننڊ ڪندڙ ماڻهن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو گهڻي ننڊ جا عادي هوندا آهن، انهن ۾ ٿولهه، اڌ رنگ ۽ دل جي دوري جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

ڪنگز ڪاليج لنڊن جي ماهرن تحقيقي نتيجن ۾ ٻڌايو ته بستري تي واڌو 90 منٽ گذارڻ انسان جي انٽرنل باڊي ڪلاڪ کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ مدافعتي نظام کان ويندي هاضمي جي نظام تائين گهڻا فعال بگڙي سگهن ٿا.

تحقيقاتي ٽيم جي رڪن ڪيٽ برمنگهم موجب اسان جي ننڊ ۾ معمولي تبديلي به اسان جي جسم تي طبي لحاظ سان ناڪاري اثر وجهندي آهي.

هن چيو ته ننڊ اسان جي صحت لاءِ اهم آهي، ان ۾ گهٽ وڌ اسان جي هاضمي جي نظام تي اثرانداز ٿيندڙ بيڪٽيريا جي توازن تي به اثر وجهندي آهي.

سندس چوڻ هو ته صحتمند رهڻ لاءِ هڪ نارمل شخص کي گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي ۽ ننڊ ۾ اوچتي تبديلي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان لڳ ڀڳ سمورن جسماني افعالن ۾ بگاڙ جو انديشو پيدا ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.