حڪومت موجود آهي، عدالت کي معاشي معاملن ۾ نه ڦاسايو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ چيو آهي  ته معيشت ڏسڻ لاءِ حڪومت جو فورم موجود آهي، عدالت کي معاشي معاملن ۾ نه ڦاسايو وڃي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ آئيني حد کان وڌيڪ قرض وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ چيف جسٽس سان گڏ جسٽس اطهر من الله به بينچ جو حصو آهي. حڪومت معيشت جي مسئلن کي ڏسڻ جو فورم آهي، عدالت کي معاشي مسئلن ۾ نه ڦاسايو وڃي.  ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 2020ع ۾ ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ قرض وٺڻ بابت آئيني درخواست داخل ڪئي وئي، ڪيس جا ڌرين حفيظ شيخ ۽ رضا باقر فرار ٿي ويا آهن.حڪومتن حد کان وڌيڪ قرض وٺي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. 03

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.