جماعت اسلامي پاران متاثر مسيحين جا گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جڙانوالا واقعي کي ملڪ ۾ افراتفري فساد ، انتشار ۽ عوام کي پاڻ ۾ وڙهڻ جي سازش قرار  ڏيندي ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.متاثر مسيحي علائقي جو دورو ڪرڻ بعد مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق گهرن ۽ عبادتگاهن کي باهه ڏيڻ جي مذمت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي الخدمت فائونڊيشن جي تحت متاثرن جا گهر تعمير ڪندي ۽  علائقي ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائيندي. هن مسيحي ٻارن جي مفت تعليم ۽ انٽرميڊيٽ تائين اسپانسر شپ ۽ متاثر نوجوانن کي بناوياج قرض ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته جن ڇوڪرين جي ڏاج کي گهيري دوران چوري ڪيو ويو، جماعت اسلامي فوري طور تي انهن لاءِ ٻيڻي ڏاج جو بندوبست ڪندي ۽ متاثر گرجا گهرن جي تعمير ۾ به مدد ڪئي ويندي. هن سوال ڪيو ته جڏهن جڙانوالا ۾ بزدلاڻي راند ٿي رهي هئي يا رٿيل منصوبه بندي ڪئي وئي ته انتظاميه ڪٿي غائب هئي؟ سمورن جوابدارن جي نشاندهي ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ،سراج الحق متاثر خاندانن پادرين ۽ نياڻين سان ملاقات ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.