لنڊن( م ڊ) اڳوڻي سينيئر سفارتڪار طارق فاطمي جو چوڻ آهي ته ڊان ليڪس ڪا سازش ناهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) باجوه تصديق ڪري چڪوآهي. لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ طارق فاطمي چيو ته ڊان ليڪس بابت سڀ کان اهم ڳالهه جنرل باجوه چئي هئي. جنرل باجوه چيو هو ته ڊان ليڪس حقيقي نه هئي، ڊان ليڪس ڪا سازش ناهي، اڳوڻي آرمي چيف تصديق ڪري ڇڏي آهي، الزام لڳائڻ وارن پاڻ ان جي ترديد ڪئي آهي. طارق فاطمي چيو ته سائفر انتهائي حساس دستاويز هو جنهن تائين صرف چند ماڻهن جي رسائي هئي، سائفر انتهائي رازداري جي ضرورت آهي، سائفر کي اجلاس دوران آفيس مان ٻاهر وڃڻ به نه گهرجي ها.