انقلابي اڳواڻ شھيد نذير عباسي جي 43 هين ورسي تقريب جو احوال

ٻيو ۽ آخري حصو

ڪامريڊ قيمت سنڌي ڳالھائيندي چيو ته نذير عباسي کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو جيڪو سندس حق ٿئي ٿو ڇوته ھو پنھنجي جان قربان ڪري ويو. ھن چيو ته نذير جو گھر به ھو ۽ کيس ھڪ نياڻي به ھئي پر ھو صوفي ازم ۽ شاھ عنايت شھيد جي نظريي مطابق اڳتي وڌيو.

ڪامريڊ ارباب رستماڻي ڳالھائيندي چيو ته نذير عباسي اسان کي نظريو ڏنو ۽ غريب ماڻھن جي حقن لاءِ  جان قربان ڪيائين. اڃا تائين کيس شھيد ڪندڙن جي جبر وارو تسلسل برقرار آھي،جبار صبح پوٽو ڳالھائيندي چيو ته نظير ھڪ عظيم ۽ آدرشي شخصيت ھو، ان ڪري ئي سندس ورسي مختلف شھرن ۽ ملڪن ۾ ملھائي وڃي ٿي. شھيد جي زندگي ھڪ گيت ۽ جدوجھد جو نالو آھي. اسان کي به گڏجي نذير عباسي جي نظريي واري واٽ تي ھلڻ گھرجي.

شڪيل پلھه نذير عباسي کي بھترين لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته  جيڪڏھن نذير جي نظريي مطابق جدوجھد جو عمل مسلسل جاري رھي ته ھڪ ڏينھن ضرور سوڀ حاصل ٿيندي.

تاج مري ڳالھائيندي چيو ته نذير عباسي ٽنڊوالھيار ۾ جنم ورتو. ايوبي آمريت دوران به ماڻھن جي نڙي تي ھٿ ھو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ترقي پسند جمھوريت کي گھٽيو ويو، ان دور ۾ حسن ناصر کي شھيد ڪيو ويو. ھن چيو ته نذير عباسي ايوبي آمريت دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان للڪاريو ۽ بعد ۾ يحيٰ جي مارشل لاءِ  دوران ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو جي نعري تي بک ھڙتال تي ويٺو، ھڪ سال تائين جيل ۾ رھيو ۽ سزا پوري ٿيڻ تي جيل مان ٻاھر آيو پر معافي نه ورتائين. ان دوران جيل ۾ سندس ملاقاتون ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ مير ٿيٻو سان ٿيون ۽ بعد ۾ ايس اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان جدوجھد جاري رکيائين. نذير جي شادي به سندس نظرياتي ساٿي حميده گھانگھرو سان ٿي. اھا شادي جي تقريب محراب پور شھر ۾ ڄڻ ته  انقلابي ماڻھن جو ميلو ھئي. نذير عباسي کي جنرل ضياء جي آمريت ۾ گرفتار  ڪيو ويو ھو پر کيس آزاد ڪرڻ وقت خبردار ڪيو ويو ھو ته جيڪڏھن ٻيھر گرفتار ڪيو وئين ته پوءِ  تنھنجو لاش موڪلينداسين. نذير عباسي سنڌي زبان کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ به شامل رھيو. ھن ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته جدوجھد ذريعي موجوده  رياست کي فلاحي بنائڻو پوندو ته جيئن قوم ۽ عوام کي مڪمل قومي، جمھوري ۽ سماجي حق ملي سگھن.

باباء سنڌ حيدربخش جتوئي جي پوٽي ثمر حيدر جتوئي ڳالھائيندي چيو ته اڄوڪي ھن تقريب ۾ تماشبين نه پر انقلاب لاءِ  پتوڙيندڙ ماڻھو ويٺل آھن. نذير عباسي حيدر بخش جتوئي ۽ ڄام ساقي جي جدوجھد جو تسلسل ھو. نذير عباسي ھڪ سچو انسان ھو، ھو ھڪ ڪردار ۽ تاريخ ھو. جڏھن سنڌ جو نالو وٺڻ کي به وڏو گناھ ٿي سمجھيو ويو، نذير ان وقت جدوجھد ڪرڻ لاءِ  ميدان ۾ لٿو. ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اڄ به ملڪ ۽ سنڌ تي وڏيرا، سردار ۽ غاصب قابض آھن. ٽئين پيڙھي جي نوجوان نھال عباسي سميت سڀني ساٿين کي اھو پيغام ٿو ڏيان ته اچو ته سچائي جو پيغام کڻي نڪرون، ڀلي اليڪشن نه کٽيون پر ان ۾ حصو ضرور وٺون. اچو ته ھارين ۽ پورھيتن کي ساڻ کڻي گڏجي ميدان ۾ لھون.

تقريب جو آخري خطاب شھيد نذير عباسي جي ساٿي ۽ وني ميڊم حميده گھانگھرو جو ھو. ھن سڀني کي شھيد نذير عباسي جي ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. ھن ڳالھائيندي چيو ته نذير جي تصوير کان ھن تقريب جي صدارت ڪرائڻ جو مقصد اھوئي آھي ته اسين 43 سالن جي جدوجھد جي گواھي ڏيون ٿا. ملڪ ۾ پارٽيون ته ڪيتريون ئي آھن پر نذير عباسي کي ياد ڪرڻ جو مقصد اھوئي آھي ته اڄ به نذير نوجوانن لاءِ  رھنمائي جو سرچشمو آھي. شاھ عنايت کي به نذير جيان ھڪ نظريو سمجھون ٿا. جڏھن اسين پنھنجين خواھشن کي ختم ڪري، اجتمائي جدوجھد ۾ شامل ٿينداسين ته آخر منزل ماڻينداسين. نذير ڪنھن مخصوص خطي لاءِ  نه پر سموري پورھيت ۽ مظلوم طبقي جي لاءِ  جدوجھد ڪئي. انقلاب جي سوچ رکندڙ ماڻھو سڄي دنيا جي ڪنھن به  خطي ۾ ھجي پر ان جي جدوجھد سڀني لاءِ  ھوندي آھي ۽ دنيا تحريڪ جي اھڙن شھيدن کي سلام پيش ڪندي آھي.

ھن چيو ته  شھيد نذير عباسي عوام جي سڀني طبقن جي نمائندگي ۽ رھنمائي ڪندڙ انسان ھو. پٽ فيڊر جي ھارين جي جدوجھد ۾ به عملي طرح سان شامل رھيو. ھن انفرادي طرح نه پر عوام سان اجتماعي طرح گڏجي جيئڻ پي چاھيو ۽ کين گڏ کڻي ھلڻ پئي چاھيو. نذير عوامي سياست کان جدوجھد جي ابتدا ڪئي، ووٽر فھرستون سنڌي ۾ ڇپرايو واري تحريڪ ۾ به شامل رھيو، جنھنڪري جرمني وارا به نذير جي ارڏي ڪردار تي ڳالھائين ٿا. نذير عباسي رنگ، ٻولي ۽ مذھب جي قيد کان آزاد انسان ھو ۽ ھر ڪنھن کي مردانگي سان جيئڻ ۽ مايوس نه ٿيڻ جو پيغام ڏيندڙ ھو. ان دور جي جابر حڪمران طبقي جي وارننگ ملڻ جي باوجود خاموش ٿي نه ويٺو. نذير عباسي والد جي موت جي آخري رسمن ۾ به شريڪ نه ٿي سگھيو. 1978 ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ  1980 ۾ کيس ٻيھر گرفتار ڪيو ويو ھو. ھن ثابت قدم رھي تڪليفون برداشت ڪيون، ڇو ته ھو ثابت قدم رھڻ وارو انسان ھو جنھن جا مقصد به عظيم ھئا. نذير ھڪ وسيع سمنڊ جيان ھو، ڪميونسٽ تحريڪ جي به سرواڻي ڪندڙ ھو ۽ سندس شھادت ٻين دوستن جون زندگيون بچائي ورتيون. حميده گھانگھرو چيو ته  سچا انقلابي ڪڏھن به مطلب ۽ مفاد جي نه پر انقلاب جي سياست ڪندا آھن. ھن تقريب ۾ ويٺل سڀئي نذير عباسي آھن، اڄ جي تقريب ساٿ نڀائڻ جو سڏ آھي ۽ ھتي ويٺل سڀئي ماڻھو نذير جي سوچ جا ساٿي آھن. اسان کان ڌرتي ۽ وسيلا کسجي چڪا آھن، انصاف ناھي، ماڻھو روز ڪسجن پيا. تاريخي ماڳ ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي ڪارونجھر جبل کي وڪڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن. آئون ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ وارن کان سوال ٿي ڪريان ته ڇا ڌرتي ۽ ماءُ جي لوئي جو به سودو ڪبو آھي ڇا؟ميڊم حميده گھانگھرو چيو ته  اسان کي ھن وقت نذير عباسي جي سوچ ۽ نظريي کي اڳتي وڌائڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي، اھوئي اتساھ آھي جيڪو ڪڏھن به  ختم ناھي ٿيڻو. سچا نظريا ڪڏھن به مرندا ناھن پر سدائين زنده رھندا آھن. تنھنڪري مون کي پڪو يقين آھي ته جڏھن تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ نذير عباسي جو نالو سر فھرست ھوندو

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.