ڪراچي(م ڊ) ايف آءِ اي اسمگلنگ ڪيس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪسٽم آفيسرن رشوت جي رقم سان سون جون سِرون خريد ڪيون.دستاويزن موجب ڪسٽم آفيسر عثمان باجوا پنهنجي فرنٽ مين طيب خان جي مدد سان رشوت جي رقم کي سون ۾ تبديل ڪيو.عثمان باجوا پنهنجي ماتحت آفيسر طيب خان کان رشوت طور 155 ملين رپين جو سون ورتو.ڪسٽم آفيسر عامر ٿهيم سوپاري جي اسمگلرن کان رشوت وٺي 13 ڪروڙ کان وڌيڪ جو سون خريد ڪري ورتو، شهباز ۽ طيب رقم عامر ٿهيم لاءِ گڏ ڪئي ۽ سون خريد ڪري پهچايو.ڪسٽم انٽيليجنس آفيسرن ثاقب سعيد، عثمان باجوه، عامر ٿهيم، ياور عباس، جمال ضياءَ، طيب، طارق ڀٽو، انور فاروقي، حسن سردار، حافظ محمد يونس، ظهير چيما مضبوط اسمگلنگ نيٽ ورڪ ٺاهيو.دستاويز موجب ايراني ڊيزل اسمگل ڪرڻ لاءِ آفيسر 3 رپيا في ليٽر رشوت وٺندا هئا.ايف آءِ اي رڪارڊ موجب چاليا ڪمپني کان ڪروڙين رپيا ماهوار وصول ڪيا ويندا هئا