ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) نئين آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختيار جي عهدي جو عهدو سنڀاليندي ئي شهر ۾ چوري جي ٻن وڏين وارداتن دوران اڻڄاتل هٿياربندن ڏينهن جي روشني ۾ پيٽرول پمپ جي عملي کان هڪ ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پهريون واقعو اورنگي ٽائون نشان حيدر چوڪ ڪرن شادي هال وٽ پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جتي ڏينهن ڏٺي جو 2 نامعلوم هٿياربندن پيٽرول پمپ جي مئنيجر پرويز ۽ 2 ڪيشئرن کان 30 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان ايس ايڇ او پاڪستان بازار سهيل خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته اورنگي ٽائون اسلام چوڪ تي واقع ماهي پيٽرول پمپ جو مئنيجر پرويز ۽ 2 ڪيشيئر هڪ سلور رنگ جي ڪار ۾ سوار ٿي بئنڪ ۾ رقم جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. بندوق جي زور تي پئسن سان ڀريل ٿيلهو کسي فرار ٿي ويا. هوڏانهن سائيٽ اي پوليس ٿاڻي جي حد ميٽرووال واري علائقي ۾ پيٽرول پمپ جو مالڪ ۽ ڪيشيئر 80 لک رپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته بئنڪ اڳيان موجود هٿياربندن بئنڪ مان پئسن سان ڀريل ٿيلهو کسي ورتو. مالڪ ۽ ڪيشيئر ڀڄي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي ۽ ٻيا پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي پوليس ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو آهي ۽ پيٽرول پمپ جي عملي جا موبائل فون نمبر به حاصل ڪيا ويا آهن .