وارهه ۾ 13 ورهين جي نينگريءَ سان زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

وارهه (ن ع آ)  نياڻين سان زيادتين جو سلسلو  رڪجي نہ سگهيو. وارھ شھر جي کهاوڙ  محلي ۾  13 ورهين جي نياڻي (ن چ) سان زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. چار ڏينهن اڳ چئن ڄڻن جنسي ڏاڍائي ڪري کيس بيهوشي واري  حالت ۾ ڦٽو ڪيوئ  جنهن کي وارث لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويا هئا، جوابدار بااثر هجڻ سبب نينگري جا وارث چئن ڏھاڙن تائين ڳالھ کي لڪائيندا رهيا. چئن ڏھاڙن بعد وارثن واقعي جي وارھ ٿاڻي ٽن سڃاتل ۽ ٻن اڻ ڄاتل جوابدارن تي ايف آء آر داخل ڪرائي آھي.   هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وارھ ٻڌايو  تہ نينگري جي  چاچي الطاف چني جي فرياد تي پنجن جوابدارن مٿان ايف آء آرداخل  ڪرائي آھي جنهن مان هڪ جوابدر وزير ڇٽو کي گرفتار ڪري ورتو آھي باقي جوابدر جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيو آھيان. اسان جي ڊاڪٽرياڻي  ثمينا شاھ سان بہ ڳالھ ٻولھ ٿي آھي جنهن جو چوڻ آھي گذريل ڏهاڙي نينگري کي وارث اسپتال وٺي آيا جنهن جا جزا وٺي حيدرآباد ليبارٽري موڪليا آھن رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي تي نينگري کي ڪيترن جوابدارن جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آھي . ڊاڪٽرياڻي جو اهو  بہ چوڻ هيو تہ تصديق ڪيان ٿي تہ نينگري سان زيادتي ٿيل آھي . وارثن سان رابطي جي ڪوشش پڻ ڪئي پر  وارثن پاران فحال ڪجھ بہ نہ ٻڌائڻ جو چيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.