خيرپور(س ر) ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر باغ علي بوزدار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم فاطمه ڦرڙو واقعي تي دلي صدمو پهتو آھي فاطمه ڪيس جون حقيقتون لڪائڻ جا مون مٿان لڳايل سمورا الزام بي بنياد آھن پر ڪجهه ماڻهون تعصب جي آڙ ۾ منهنجي خلاف سوشل ميڊيا ۾ غلط افواهه فهلائين پيا جنهن جي مذمت ڪريان ٿو ، هن چيو ته راڻيپور واقعي ۾ ملوث ۽ غلط ڪم ڪندڙ عملدارن خلاف قانون حرڪت ۾ اچي ويو آھي , فاطمه ڪيس ۾ صحت کاتي جي صوبائي اختيارين اعلي سطحي ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو آھي ميڊيڪل بورڊ جي محنت ۽ ايمانداري سان شروعاتي رپورٽن موجب ڪيس۾ اڳتي وڌي رهيو آھي.