خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي اندر تڙپي تڙپي فوت ٿيل نينگري فاطمه فرڙو جي قتل واري واقعي خلاف خيرپور بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي بار جو صدر جعفر شاھ بار جو جنرل سيڪريٽري الطاف مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن چيو ته فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان خيرپور بار قانوني مدد لاءِ هر وقت گڏ آهي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي