ٺٽو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي تہ سنڌ کي حقيقي ۽ انصاف ڀريو نظام ڏيڻ ۽ برابري وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آھي تہ سنڌ جي ڀوتارڪي، پيراڻي ۽ سرداري نظام مان جان ڇڏائجي، معصوم فاطمہ ڦرڙو جي بيرحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آھي، قتل جو انصاف ٿيڻ گھرجي، جيڪي بہ ماڻھو، ڀوتار ان ۾ ملؤث آھن سڀني کي سزا ملڻ گھرجي. سسئي پليجو اھڙن خيالن جو اظھار ٺٽي جي نوجوان صحافي منصور جلالاڻي سان سندس ڏاڏي جي وفات تي تعزيت ڪرڻ دوران ڳالھائيندي ڪيون. ھن چيو تہ سينيئر صحافي جان محمد مھر جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، ان جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڃان تائين گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن، سندس قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ھن چيو تہ بيوسي، لاچاري ۽ ويڳاڻپ سنڌ جو نصيب نہ ھجڻ گھرجي. ڪو بہ معاشرو ان وقت تائين جمھوريت وارو نٿو ٿي سگھي جيستائين عام ماڻھو جي انصاف جون گهرجون پوريون نٿيون ٿين، اھا ذميواري رائج حڪومتن جي ھجي ٿي .