ايوان صدر جي اسٽاف بل تي جعلي صحيح ڪئي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ  ڊاڪٽر بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن عملي تخريبڪاري ڪئي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو. ڪنهن به عملدار جي تخريبڪاري کي منهن ڏيڻ گهرجي. سموري ذميواري هيٺ ڏنل اسٽاف تي وڃي ٿي.

  • نگران وزيراعظم پاران  اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق  ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي انساني جانين جي ذيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس  تي وزيراعظم چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي بابت ٻڌي دلي صدمو رسيو آهي، جنهن ۾ 11 بيگناهه مزدورن جون جانيون ضايع ٿيون، تشدد جي ان عمل جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته هو متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.