حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي، جاگيرداري، سرداري، وڏيرا شاھي سنڌ کي انساني حقن جي لتاڙ جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمراني قانوني ۽ آئين جي رٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ايترو وڏو ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا مثال قائم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪارونجھر ۽ فاطمه جي قتل تي سنڌي سماج زبردست مزاحمتي ردعمل ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته مرشد فراڊ آھن، ٺڳي آھن،آدمشماري تي سنڌ گھربل احتجاج ۽ رد عمل نه ڏيکاريو. ڪانفرنس کي امداد انڙ، وھاب منشي ۽ ٻين وڪيلن پڻ خطاب ڪيو.