سعودي عرب پھريون ڀيرو فلسطين اٿارٽي لاءِ سفير مقرر ڪري ڇڏيو

وچ اوڀر ۾ تڪڙيون سياسي تبديليون منطر عام تي اچي رھيون آھن،جنھن ۾ سعودي عرب جو خطي م ڪردار اھم ٿيندو پيو وڃي. ھن سال مارچ ۾ چين جي سھڪار سان ايران ۽ سعودي عرب جي ڊگھي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ ۽ ٻنھي ملڪن ۾ دوستي قائم ٿيڻ بعد اھو خيال ڪيو پيو وڃي تھ سعودي عرب اسرائيل سان بھ سفارتي لاڳاپا بھتر ڪري رھيو آھي، ان دوران ئي سعودي عرب پهريون ڀيرو فلسطيني اٿارٽي لاءِ راملھ ۾ پنھنجو  سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اها پيش رفت هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن اهي خبرون آهن ته رياض حڪومت جلد ئي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندي.سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب نائف بن بندر السديري اردن ۾ مقرر هو پر هاڻي کيس فلسطيني اٿارٽي ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ اردن ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ فلسطيني صدر محمود عباس جي سفارتي صلاحڪار مجدي الخالدي سعودي سفير جي سفارتي سند حاصل ڪئي. وفا نيوز ايجنسي موجب الخالدي ان موقعي تي چيو ته هي هڪ اهم فيصلو آهي، جيڪو برادرانه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندو.

السديري به يروشلم ۾ قونصل جنرل بڻجي ويندو، پر اتي مستقل طور تي قائم نه ٿيندو. مبصرن موجب ان قدم سان سعودي حڪومت فلسطينين جي حقن لاءِ پنهنجي عزم کي وڌائڻ سان گڏ خطي ۾ پنهنجي مصروفيت کي تيز ڪرڻ چاهي ٿي.

ڪجهه ڏينهن اڳ مشھور اخبار وال اسٽريٽ جرنل آمريڪي حڪومتي حلقن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو هو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب هڪ لاڳاپي واري معاهدي جي خاڪي تي اصولي اتفاق ڪري ورتو  آهي. تجويز ڪيل معاهدي موجب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي بدلي ۾ سعودي عرب کي آمريڪي سيڪيورٽي ضمانتون ڏنيون وينديون ۽ آمريڪا سعودي عرب جي سول ايٽمي پروگرام کي ترقي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو.

وال اسٽريٽ جي رپورٽ موجب جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ٿو ته اسرائيل کي ان جي بدلي ۾ فلسطينين کي جامع رعايتون ڏيڻيون پونديون.

هن مهيني اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو، اين بي سي کي هڪ انٽرويو ڏنو ھو . جنھن ۾ ھڪ سوال ت ڇا  هو فلسطينين کي سعودي معاهدي جو حصو بڻائڻ تي غور ڪندو؟ ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”فلسطينين کي حڪومت ڪرڻ جو مڪمل اختيار هجڻ گهرجي، پر کين اسان کي ڌمڪائڻ جو ڪو به اختيار نه هئڻ گهرجي“.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.