اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي مسلم ۽ مسيحي اڳواڻن رياست پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته جڙانوالا ۾ ٿيل واقعن جي غير جانبداراڻي جاچ فوري ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي جلد کان جلد سزا ڏني وڃي. اڳواڻن نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي جڙانوالا دوري ۽ آرمي چيف عاصم منير جي بيانن جي آجيان ڪندي واضح ڪيو ته ان سان قوم ۾ اميد پيدا ٿي ته ملڪ جي اندر دهشت ۽ وحشت پکيڙيندڙ جٿن ۽ ماڻهن جو خاتمو ٿيندو ۽ جڙانوالا جي متاثرن کي انصاف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل انٽرفيٿ هارمني ڪائونسل جي صدر ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي، چرچ آف پاڪستان جي صدر بشپ آزاد مارشل، ڪيٿولڪ چرچ جي آرچ بشپ سبيسٽن فرانس شا جڙانوالا جي دوري دوران گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گذريل ڏينهن انٽرنيشنل انٽرفيٿ هارمني ڪائونسل، پاڪستان علماءُ ڪائونسل، چرچز آف پاڪستان ۽ ڪيٿولڪ چرچ آف پاڪستان جي مسلم مسيحي اڳواڻن تي ٻڌل اعليٰ سطحي 50 رڪني وفد جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ ساڙيل چرچز ۽ مسيحي گهرن جو جائزو ورتو. پناهگير ڪيمپن ۾ رهندڙ مسيحي متاثرن سان ملاقاتون ڪيون، مسيحي عورتن جي مٿي تي چادر وڌي ۽ متاثرن جي فوري بحالي لاءِ مقامي انتظاميه کي هدايتون ڏنيون حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جيترو مسلمانن جو آهي ايترو ئي غير مسلمانن جو پڻ آهي