اسلام آباد(م ڊ)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي حڪومت دوران اپريل 2022 کان آگسٽ 2023 تائين سرڪاري قرضن ۾ واڌ جي وضاحت جاري ڪري ڇڏي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي 16 مهينن دوران حڪومتي قرضن ۾ 18 هزار 500 ارب جو اضافو ٿيو، سرڪاري قرضن جي ان رقم ۾ 2300 ارب رپين جو بنيادي خسارو به شامل آهي.هن چيو ته 18 هزار ارب جي واڌ ۾ 6 هزار 900 ارب جي وياج جي ادائيگي به شامل آهي اسحاق ڊار اهو به چيو ته سرڪاري قرضن ۾ 9300 ارب جو اضافو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي سبب ڪري آهي.هن چيو ته مالي سال 2022ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ساڍا 17 ارب ڊالر هو، جنهن سبب پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا انتهائي حد تائين گهٽجي ويا.هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 6 ارب 40 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويا، پي ڊي ايم حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچايو.