نوازشريف جي فوري وطن واپسي ملتوي

لاهور(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي وطن واپسي ۾ وڌيڪ دير ٿي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ قانوني معاملن ۾  صفر خطرن تائين واپس نه ايندا.نيو نيوز موجب ن ليگ جي اڪثر اڳواڻن نواز شريف جي ضمانت کانسواءِ وطن واپسي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي . واپسي جو منصوبو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان سيڪيورٽي بانڊ جي تصديق سان مشروط ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ اڳواڻ جي واپسي لاءِ آڪٽوبر کانپوءِ مختلف تاريخن تي غور ڪيو پيو وڃي. حتمي فيصلو لنڊن ۾ نواز شريف جي مرڪزي اڳواڻن سان مشاورت بعد ڪيو ويندو. اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ مشاورت لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.