ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي آئين موجب عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عام چونڊن ۾ دير ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪونه آهي، مردم شماري ۽ نين تڪبندين جي بهاني سان چونڊن ۾ دير جو جواز پيش ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو غير آئيني فيصلو آهي، عوام نين حلقه بندين کي عام چونڊن ۾ دير ڪرڻ جو هڪ بهانو سمجهي ٿو، ڪراچي ۾ 6 سالن دوران ڏوهن جي شرح ۾ 121 سيڪڙو اضافو گوڊ گورننس جي دعويدار پيپلزپارٽي جي قيادت لاءِ فڪر جوڳو مقام ۽ سندن منهن تي چماٽ آهي، امن امان جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ رکڻ باوجود سنڌ جا حڪمران شهرين جي جان، مال توڙي عزت آبرو جي حفاظت ۾ بُري طرح سان ناڪام ثابت ٿيا آهن. ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي 07 مهينن دوران لڳ ڀڳ 100 شهري رهزنن هٿان مزاحمت تي قتل ٿي چڪا آهن.