سنڌ سرڪار پاران غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) حڪومت وڃڻ بعد ايس بي سي اي جا آفيسر مشڪل ۾ پئجي ويا.ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر  ڊيموليشن خلاف سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا،ڊي جي ياسين شر بلوچ ايس بي سي اي جي سمورن ڊائريڪٽرن کي ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي،ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ڊيموليشن کي آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي،هن لکيو ته  ڊائريڪٽر ڊيموليشن عبدالسجاد پنهنجون ذميواريون صحيح طرح نه نڀائي رهيو آهي،ڊائريڪٽر ڊيموليشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، عدالتي حڪمن تي هڪ هفتي اندر عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊائريڪٽر ڊيموڪريشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي جي ڊي جي لاڳاپيل آفيسر کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ڊائريڪٽر ڊيموليشن عدالتي حڪمن تي روزاني جي بنياد تي عمل درآمد ڪري هفتيوار رپورٽ ڊي جي آفيس،  کي جمع ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.