داد لغاري (رپورٽ: امجد لغاري) داد لغاري ويجھو ڳوٺ گلبھار لغاري ۾ مڙس عبدالقدير لغاري پاران گھرواڻبڻت ٿيڻ بعد مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري گھرواري ثمينا لغاري کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن بعد اطلاع ملندي ئي ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي قتل ۾ ملوث جوابدار مڙس قدير لغاري کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي تي لاڪپ ۾ بيٺل قدير لغاري ٻڌايو ته منھنجي گھرواري ثمينا لغاري مون کان شادي بعد ناراض رھندي ھئي جنھن پاڻ گھر ۾ پيل پسٽل کڻي فائر ڪري خودڪشي آھي ، منھنجي مٿان قتل ڪرڻ جوالزام بي بنياد آھي ان موقعي تي ايس ايڇ او دادلغاري ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث جوابدار قدير لغاري کي ڇاپو ھڻي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ ناري جي وارثن جي اچڻ بعد ھن مٿان قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو ٻي طرف عورت جي پي منظور لغاري ٻڌايو ته منھجي ڌي ثمينا لغاري کي مڙس قدير لغاري ۽ سندس سھرو جانب لغاري گڏجي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آھي .