گهوٽڪي: مغوي ڪانسٽيبل جي آزادي احتجاج ڪندڙ وارثن تي ڪيس داخل

 

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ڪچو ٻنڊي چوڪي لڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل پوليس ڪانسٽيبل خالد ڪورائي جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ سندس والد، ڀائرن ۽ عزيزن خلاف سرحد ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو.

مٿن ناجائز هٿيار رکڻ، فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف هراس پکيڙڻ ۽ ڀڄ ڊاهه جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته پوليس ڪانسٽيبل خالد ڪورائي تازو ئي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿيو آهي.

سندس والد عبدالمجيد، ڀاءُ محمد بخش ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن مغوي جي هڪ خطرناڪ ۽ موتمار ڌمڪين تي ٻڌل وڊيو جاري ڪئي هئي، جنهن ڪري اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿياسين، قانون به ناانصافي خلاف احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

هنن چيو ته احتجاجي مظاهري دوران ڪا به فائرنگ نه ڪئي وئي هئي، نه گاڏين جا شيشا ٽوڙيا آهن، جيڪڏهن ائين هجي ها ته ان جي ڪا نه ڪا وڊيو منظر تي اچي وڃي ها.

هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته جيڪي ايف آءِ آر ۾ قلم لڳايا ويا آهن، ان بابت جاچ ڪئي وڃي ۽ ناجائز ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.