عراق جو پاڪستاني زائرين کي مفت ويزا ڏيڻ جو اعلان

عراق (ويب ڊيسڪ) عراق اربعين تي پاڪستاني زائرين لاءِ مفت ويزا جي فراهمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، هڪ لک پاڪستاني زائرين کي مفت ويزا جي سهولت 19 آگسٽ کان 20 سيپٽمبر تائين ملندي.

پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد عباس لفته حڪومتي فيصلي جو پريس نوٽ جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عراقي حڪومت اربعين تي هڪ مهيني لاءِ پاڪستاني زائرين کي مفت ويزا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عراقي سفير چيو ته پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گھرو وزير راڻا ثناءُالله جي عراق دوري جي موقعي تي ڳالهين ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو.

سفارتي ذريعن موجب پاڪستاني زائرين جو انگ هڪ لک هوندو جن کي عراقي گھرو وزارت فري ويزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.