جيڪڏهن اوهان کي تصويرون ۽ سيلفيون وٺڻ جو شوق اهي ته ڪجهه اسمارٽ فونز آهن جيڪي اوهان جو شوق پورو ڪري سگهن ٿا.
اوهان کي ڪجهه اهڙن فونز بابت ٻڌائينداسين جن جي ڪيمرا بهترين آهي.
ويوو ايڪس 90 پرو
ايڪس 90 پرو ۾ زئيس جي ڪيمرا لڳل آهي ۽ هن ۾ هڪ خاص چپ آهي جيڪا هر شئي کي تيز رفتار بڻائي ٿي.
مکيا ڪيمرا گهٽ روشني ۾ به بهترين ڪم ڪريٿي ۽ اونداهي ۾ صاف تصويرون ڪڍي ٿي.
فون جي قيمت هڪ لک 65 لک رپيا آهي.
سام سنگ گيلڪسي ايس 23 الٽرا
گيليڪسي ايس 23 الٽرا بهترين ڪيمرا فونز مان هڪ آهي جنهن کي اکيون ٻوٽي وٺي سگهجي ٿو.
هن جي پٺيان ڪيمرا ۾ چار لينس آهن، مکيا ڪيمرا 200 ميگا پڪسل جي آهي.
هن جي بنيادي ورزن جو اگهه 5 لک 60 هزار رپين کان شروع ٿئي ٿو ۽ بهترين ورزن 6 لک رپين تائين آهي.
ويوو وي 27 پرو
ويوو جو هي فون سنهڙو ۽ خوبصورت آهي، هن ۾ هڪ ڦريل ڊسپلي به آهي ۽ هي رنگ به تبديل ڪندو آهي.
هن جي مکيا ڪيمرا رات جو زبردست فوٽو ڪڍندي آهي ۽ پاڪستاني شادين جهڙا موقعا رڪارڊ ڪرڻ لاءِ بهترين آهي.
هي فون ٽن ورزنس ۾ آهي جن جي قيمت ڏيڍ لک رپين کان شروع ٿئي ٿي.
شائومي 13 پرو
هي فون خاص طور تي ڪيمراز جي ڪري ئي مشهور آهي.
هن جي پٺيان ٽي ڪيمرا آهن ۽ سڀ 50 ميگا پڪسل جا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اوهان ايڇ ڊي فوٽو ڪڍي سگهوٿا.
هن جو اگهه 2 لک 10 هزار رپيا آهي.
اوپو رينو 10 پرو پلس
اوپو جو هي فون اعليٰ درجي جو آهي. هن جي پٺيان ٽي ڪيمراز اهن ۽ ٻين جيان هي گهٽ روشني ۾ بهتر ڪم ڪري ٿو.
هن جي مکيا مرزن جو اگهه 2 لک رپيا 10 هزار اهي.
خيال رهي ته ڊالر جي اگهن ۾ ڦير ڦار جي ڪري فونز جا اگهه گهٽ وڌ ٿي سگهن ٿا.