پسند جي شادي ڪندڙ ڇوڪريءَ جي مائٽن ڇوڪري جو گھر ساڙي ڇڏيو

نارووال (ويب ڊيسڪ) نارووال جي علائقي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڇوڪريءَ وارن ڇوڪري جو گھر ساڙي ڇڏيو.

پنجاب پوليس موجب پسند جي شادي ڪندڙ ڇوڪري جي مائٽن ڇوڪري جي ڀيڻ کي تشدد جو نشانو بڻايو.

پوليس موجب گھر ساڙڻ ۽ ڇوڪري جي ڀيڻ تي تشدد جو ڪيس 14 نامزد سميت 24 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس به داخل آهي، ٻنهي پسند پرڻو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.