خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر جي علائقي باڙا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن 18 ۽ 19 آگسٽ جي رات ڪيو ويو.

بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز سان شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.