اوٻاوڙو: روڊ حادثي ۾ نينگري فوت، هڪ عورت زخمي

اوٻاوڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي موٽرسائيڪل جو ٽرالر سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.
ڳوٺ خميسو چاچڙ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ورهين جي نينگري فاطما سولنگي فوت ۽ سڪينا سولنگي زخمي ٿي پئي.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو.
فوتي نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.