هڪ انوکي تحقيق مان خبر پئي آهي ته پيشاب جي سادي ٽيسٽ سان امڪاني طور تي دل جي ناڪارا ٿيڻ (هارٽ فيليئر) جو پتو وقت کان اڳ لڳائي سگھجي ٿو.
عام طور تي هارٽ فيليئر جون ڪجهه علامتون وقت کان اڳ اچڻ شروع ٿي وينديون آهن پر عام ماڻهو اهڙين علامتن کي سمجهي ناهن سگھندا.
ماهرن جو خيال آهي ته عام طور تي دل ان وقت ناڪارا ٿي ويندي آهي جڏهن ڪنهن به شخص جون بُڪيون ناڪارا ٿي وينديون آهن يا اهي درست انداز ۾ ڪم ناهن ڪري سگھنديون.
بُڪين جي پيچيدگين ۽ مسئلن کي وقت کان اڳ جاچڻ لاءِ ماهر عام طور تي بلڊ ۽ پيشاب ٽيسٽ به ڪرائيندا آهن ۽ انهن سان بيماري يا مسئلي کي معمول ڪيو ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح يورپي ماهرن دل ۽ بُڪيون ناڪارا ٿيڻ وچ ۾ واسطو دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ انوکي تحقيق ڪئي، جنهن جي نتيجن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
طبي رسالي يورپين جرنل آف هارٽ فيليئر ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن 7 هزار جي ويجهو نيدرلينڊ جي ماڻهن کي تحقيق جو حصو بڻايو.
تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي عمر 28 کان 76 سال هئي ۽ انهن ۾ مرد ۽ عورتون شامل هئا، جن مان گھڻا ماڻهو دل ۽ بُڪين جي مسئلن ۾ مبتلا هئا.
ماهرن رضاڪارن جي پيشاب ۽ رت جي ٽيسٽ ڪرڻ بعد انهن کان سوال به ڪيا ۽ 11 سالن بعد انهن جو ٻيهر جائزو ورتو ۽ سندن ٻيون ڀيرو به ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ سندن بيماريون جاچيون ويون.
نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن جي پيشاب جي ٽيسٽ ۾ ٻه خصوصي پروٽينز جو مقدار وڌيڪ هو، انهن جي دل ناڪارا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا جڏهن ته انهن کي بُڪين جا به مسئلا هئا.
نتيجن موجب ”آلبومن“ ۽ ”ڪريٽي نائن“ نالي ٻنهي پروٽينز جي گھڻي مقدار وارن ماڻهن جي دل ناڪار ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
نتيجن مان اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته ڄاڻاتل ٻنهي پروٽينز جي وڌيڪ سطح سان به بُڪيون فيل ٿي سگھن ٿيون يا نه.
ماهرن موجب جن مانهن جي پيشاب ۽ رت جي ٽيسٽ دوران ڄاڻايل ٻنهي پروٽينز جي سطح ۾ لاڳيتو ۽ نمايان اضافو ٿيندو رهي ته اها خطري جي علامت آهي، پر انهن پروٽينز جو گھٽ ٿيڻ ۽ پوءِ وڌي وڃڻ ۽ پوءِ معمول تي اچڻ خطري جي علامت ناهي هوندو.
پر ٻي پاسي ڪجهه ماهرن جو مڃڻ آهي ته ڄاڻايل ٻئي پروٽيز مختلف سببن جي ڪري به وڌي سگھن ٿا، جن ۾ گھڻن پروٽينز وارا کاڌا ۽ دوائن جو استعمال به ٿي سگھي ٿو.