رفعت مختار آءِ جي سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان جي 21هين گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي انسپيڪٽر جنرل سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پراونشل پوليس آفيسر مقرر ڪيل رفعت مختار پنجاب ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، جنهن جي سنڌ پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي آهي.

آءِ جي پوليس جي عهدي تي خدمتون ڏيندڙ غلام نبي ميمڻ اڄڪلهه موڪلن تي عمري جي ادائيگي لاءِ ويل آهي.

غلام نبي ميمڻ کي نوان حڪم ملڻ تائين اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.