ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جو آپريشن، ڀارتي حمايت يافتا 7 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافتا 7 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي تي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪامياب آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافتا 7 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ 3 افغان شهري ۽ 2 آپگهاتي بمبار به شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.