ڪراچي: سپر هاءِ وي تان ٽن کدڙن فقيرن جا گوليون لڳل لاش هٿ، وڏي وزير جو نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ميمڻ ڳوٺ جي حدن ۾ سپر هاءِ وي تان ٽن کدڙن فقيرن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب ناگوري سوسائٽي ۾ سپر هاءِ وي تان 3 لاش هٿ آيا، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، لاش سپر هاءِ وي تي هڪ ريسٽورنٽ ڀرسان زمين تي پيا هئا.
پوليس ٻڌايو ته واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم جا ٻه خول مليا آهن، ٻن کدڙن فقيرن کي سيني ۾، جڏهن ته هڪ کي مٿي ۾ گولي هنئي وئي، مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي فوري طور قاتلن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.