بلاول زندگي جون 37 بهارون ڏسي ورتيون، ٻوڏ سبب سالگرهه نه ملهائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زندگي جون 37 بهارون ڏسي ورتيون.
بلاول ڀٽو زرداري 37 سالن جو ٿي ويو پر ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب هن سالگرهه تقريبون نه ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.
پ پ چيئرمين پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي هئي ته سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ يا جشن ملهائڻ جي تقريب نه رکي وڃي.
هن چيو هو ته اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عطيا جمع ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.