حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جي گهرواري ۽ ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي معنيٰ خيز پوسٽ شيئر ڪئي آهي.
اڳوڻي ٽينس اسٽار اڄڪلهه پنهنجي ڪٽنب سان موڪلون گذاري رهي آهي، هن انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته ” اُهو خوش قسمت آهي جيڪو پاڻ وٽ موجود شيِءِ جو قدر ڪري ٿو، اُهو به ان وقت جڏهن اِها هن وٽ موجود هجي“.
واضح رهي ته ڪيئي مهينن کان ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي طلاق جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پر ٻنهي مان ڪنهن به اهڙي قسم جي خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي.
ياد رهي ته ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي شادي 2010 ۾ ٿي هئي ۽ جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد آهي.