الرجي، زخم ۽ رت جو وهڻ بند، اڻ ملهه فائدن وارو گُل

الله تعاليٰ انسانن جي لاءِ ڪيترين ئي اڻ ڳڻين نعمتن جا تحفا ڌرتي تي موڪليا آهن جنهن مان انسان فائدو ماڻي سگهن ٿا، جن ۾ مختلف جڙيون ٻوٽيون، ميوا، سبزيون ۽ گُل وغيره شامل آهن.

اهڙو ئي هڪ قدرت جو خزانو جنهن کي گيندي جو گُل چيو وڃي ٿو هوندو آهي جنهن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.

گيندي جي گُل ۾ اينٽي سيپٽڪ خاصيتون موجود آهن، ان جو استعمال نه رڳو زخمن کي ڀريندو يا صحيح ڪندو آهي پر چمڙي جي الرجي، سڙڻ جي نشانن، زخمن مان رت وهڻ ايتري تائين جو بيڊ سول(بستر تي پئي پئي مريضن کي ٿيندڙ زخم) کي به ٺيڪ ڪندو آهي.

گيندي جا گُل بازار مان وٺي انهن کي ڌوئي وٺو انهن جي پنن کي الڳ ڪري هوا ۾ خشڪ ڪيو، هاڻي چاهيو ته انهن کي پيهي پائوڊر ٺاهي وٺو يا وري پنن کي ڪنهن دٻي ۾ وجهي محفوظ ڪري رکو.

گلن جو پاڻي ٺاهڻ جي لاءِ پنج ليٽر پاڻي کي صحيح نموني اٻاريو اهو گهڻو اٻري وڃي ته باهه بند ڪري هڪ ٿال ۾ گيندي جي گلن جا پَن وجهو ۽ انهن کي ٻن ڏينهن تائين ڌَڪي رکي ڇڏيو، پوءِ انکي بوتل ۾ ڀري محفوظ ڪري رکو.

فائدا

جيڪڏهن هٿ، پير يا ڪنهن به جسم جي حصي تي ڪو زخم لڳي ۽ رت وهڻ بند نه ٿئي ته اهڙي صورتحال ۾ گيندي جي گل جا ٻه ٽي پَن کڻي انهن کي متاثر ٿيل جاءِ تي مهٽيو، رت وهڻ بند ٿي ويندي.

هٿ يا ٻانهن سڙي پوڻ جي صورت ۾ انهن جي پنن ۾ ناريل جو تيل وجهي متاثر ٿيل جاءِ تي لڳايو ته اها جاءِ سڙڻ ته بند ٿي ويندي پر ان جڳهه تي ڪي داڻا يا ڇالا به نه ٿيندا.

جنهن جي گهر ۾ ڪو اهڙو مريض هجي جنهن کي هنڌ بستر تي سمهي سمهي زخم ٿي ويا هجن ته اهي ان مريض جي زخمن کي گيندي جي گُل واري پنن سان صاف ڪن، انشاءَ الله انهن کي شفا ملي ويندي.

جيڪڏهن توهان کي چمڙي جي الرجي هجي ته توهان ان جاءِ گيندي جي گُل جي پنن جي پاڻي سان صاف ڪيو، توهان جي الرجي ختم ٿي ويندي.

ڪنهن به سبب جي ڪري زخم مان گند وهڻ يا جسم مان ڪنهن به جاءِ تان گند وهڻ واري هنڌ تي به گيندي جي گُل جي پنن واري پاڻي کي ڪپهه ۾ ٻوڙي هڻجي ته اهو به تمام جلد صحيح ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.