”يوريا ڀاڻ اغوا، اجتماعي زيادتي،ڀنگ طلب“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبادگارن پاران ڀاڻ جي اگھن ۾ واڌ زخيرو اندوزي، ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي به ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. آبادگارن جي گروپن ۽ سوشل ميڊيا پيجز تي يوريا ڀاڻ اغوا جو اشتهار ڏنو ويو آهي.

جنهن کي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو پيو وڃي.اوهان به پڙهو.

اينگرو ڀاڻ ذات يوريا ويٺل ڳوٺ ڀاڻ ڪمپني سنڌ قد ٽي فٽ وزن پنجاھ ڪلو سڃاڻپ جي نشاني ساوا ڪپڙا آهن جئين ته منهنجي ذاتي حيثيت 1800 سئو روپين جي آهي پر مونکي اغوا ڪري ظالمن  وياجين ۽ سيٺن ۽ واپارين مونکي پنهنجي ذخيرو ڪندڙن گودامن ۾ زوريءَ زبردستي قيد ڪري سڀني گڏجي مونسان اجتماعي زيادتي بعد منهنجي غريب مسڪين آبادگارن کان منهنجو 3900 سئو روپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن.

تمام وس وارن کي منهنجي اپيل آھي ته خدارا مون تي رحم ڪري مون کي وياجين ۽ سيٺن کان جلد کان جلد بازياب ڪرائي پنهنجي سنڌ جي غريبن مسڪين آبادگارن تائين پهچايو وڃي ته جيئن سنڌ جو فصل بچي سگهي.

مٿي ڄاڻايل سوشل ميڊيا تي وائرل اعلان ۾ آبادگارن جو اهو مطالبو آهي ته ڀاڻ جي هٿرادو اگھن جو نوٽيس ورتو وڃِي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.