انسان ۾ سوئر جي گڙدي جي ڪامياب پيوندڪاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ انسان ۾ سوئر جي گڙدي جي پيوندڪاري جو تجربو ڪامياب ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ذهني طور تي مُئل قرار ڏنل شخص ۾ سوئر جي گڙدي جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان آمريڪي سرجنز جو چوڻ هو ته جينياتي طور تي تبديل ٿيل سوئر جو گڙدو انسان ۾ 32 ڏينهن کان فعال آهي.

سرجنز موجب هُو پراميد آهن ته سوئر جو گڙدو انهيءَ طرح معمول موجب متاثر شخص ۾ ڪم ڪندو رهندو.

آمريڪي سرجنز جو چوڻ هو ته انسان ۾ سوئر جي گڙدي جو معمول موجب ڪم ڪرڻ وڏي اڳڀرائي آهي ۽ اميد آهي ته سوئر جو گڙدو ٻين انسانن ۾ به معمول موجب ڪم ڪندو.

ان سرجري کي ڇا چيو ويندو آهي؟

طبي دنيا ۾ ان قسم جي سرجري کي زينو ٽرانسپلانٽيشن چيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ قسم جي جاندار جي عضون يا ٽشوز کي ڪنهن ٻئي قسم جي جاندار ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي.

هڪ محتاط اندازي موجب آمريڪا ۾ روز 17 ماڻهو رڳو ان ڪري مري ويندا آهن جو اهي انساني عضون جي پيوندڪاري جي انتظام ۾ هوندا آهن.

طبي ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ان ڪامياب سرجري جي باوجود ريگوليٽري طرفان منظوري کانسواءِ گھڻيون رنڊڪون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.