وزن گهٽائڻ لاءِ چانهه پيئو!

ٿولهه نه رڳو ماڻهو جي پرسنلٽي کي متاثر ڪري ٿي پر ڪيترين ئي بيمارين جو سبب پڻ بڻبي آهي، گهڻي قدر ماڻهو وزن گهٽائڻ جا مشورا ته ڏيندا رهندا آهن پر اهڙو ڪم ايترو سولو به ناهي هوندو، وزن گهٽائڻ لاءِ بُک ڪاٽڻ سميت مختلف سپليمينٽس جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي جنهن جا خرچ اڄ ڪلهه جي مهانگائي واري دور ۾ هر ڪنهن وس ۾ ناهن، پر اڄ اسان وزن گهٽائڻ لاءِ هڪ اهڙو گهريلو نسخو آندو آهي جيڪو نه رڳو گهر جي رنڌڻي واري شين مان سولائيءَ سان ٺاهي سگهجي ٿو پر ان جا خرچن سميت صحت تي به ڪي ناڪاري اثر ناهن پوندا.

لونگ، دارچيني ۽ زيرو ته هر ڪنهن جي گهر ۾ موجود هوندو آهي، وزن گهٽائڻ جي حوالي سان اڄ اسان انهن جي فائدن جو اهڙو انڪشاف ڪنداسين جيڪو اوهان لاءِ انوکو ۽ تمام فائديمند ثابت ٿيندو. انهن شين جو خاص قسم جي طريقي سان استعمال وزن ۾ تيزي سان گهٽتائي آڻڻ جو سبب بڻبو آهي.

پنجاهه پنجاهه گرام لونگ، دارچيني ۽ اڇي زيري جا وٺي ڪنهن ٿانوَ ۾ هلڪي باهه تي رکيا وڃن، انهن کي ايترو ڀُڃجي جو انهن مان خوشبو اچڻ شروع ٿي وڃي، وڌيڪ ڀڃڻ جي صورت ۾ انهن جا اثر گهٽجي ويندا آهن.

انکانپوءِ ٽنهي شين جو پائوڊر ٺاهي ان پائوڊر جو هڪ چمچو پاڻي ۾ اٻاري روز نيراني ڪاڙهو پيئڻ سان وزن کي تيزي سان گهٽائي سگهجي ٿو.

لونگن، دارچيني ۽ زيري جو ڪاڙهو نه رڳو بنا نقصان جي وزن گهٽائڻ جو بهترين ذريعو آهي پر ان جا صحت لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن.

معدي کي سوين بيمارين جي جڙ چيو ويندو آهي، اهو ڪاڙهو پيئڻ سان نه رڳو معدي جي ڪمزوري ختم ٿئي ٿي پر معدي جي تيزابيت ۽ ٻيا مسئلا به حل ٿي ويندا آهن.

اهو ڪاڙهو موسمي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ کنگهه، نزلي زڪام ۽ ساهه جي تڪليفن کان به آرام ڏئي ٿو، ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو اهو ڪاڙهو پيئڻ سان ڦڦڙ صاف ٿي ويندا آهن ۽ ڳلي جي سوڄ ختم ٿي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.