آغا خان امتحاني بورڊ سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آخان يونيورسٽي امتحاني بورڊ (اي ڪي يو، اِي بي) سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هن سال مختلف سبجيڪٽن ۾ پنجانوي شاگردن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مڃيل شاگردن جي فهرست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي جن ۾ شاگردن جو تناسب پنجهٺ سيڪڙو رهيو.

آغا خان بورڊ سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جي لاءِ هڪ هڪ قومي پوزيشن جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ايس ايس سي ۽ ايڇ ايس ايس سي جي لاءِ صوبائي سطح تي گڏيل طور ٽن ٽاپ پوزيشن شاگردن جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي بورڊ جي سڄي ملڪ ۾ هر سطح جي اسڪولن ۾ اعليٰ معيار جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جي جذبي جي عاسڪي ڪن ٿيون.

آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول ڪراچي جي رميشه احمد هائرسيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جي امتحان ۾ سنڌ مان قومي سطح تي پهريون پوزيشن ماڻي آهي جڏهن ته پنجاب مان نصرت جهان اڪيڊمي گرلز هائر اسڪول چناب نگر جي شاگردڻي عروا احمد سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ امتحان ۾ قومي سطح تي پهرين پوزيشن ماڻي آهي.

بورڊ جي نتيجن ۾ صوبائي سطح تي پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ امتحان ۾ پنجاب مان پهرين صوبائي پوزيشن نصرت جهان ڪاليج چناب نگر جي امتل حافظ ماهين حاصل ڪئي.

جڏهن ته ڪراچي جي آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول ڪريم آباد جي شاگردياڻي رميشه احمد سنڌ ۾ پهرين صوبائي پوزيشن ماڻي. گلگت بلتستان مان آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول گاهڪوچ جي شاگردياڻي سعيده علي ۽ خيبرپختونخواهه جي آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول چترال جي شاگر علم حيات يونس پهريون صوبائي پوزيشنز حاصل ڪيون.

سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ امتحانن ۾ صوبائي سطح مان اِي ايڇ پرنس آغا خان سيڪنڊري اسڪول امين آباد جي شاگردياڻي لبنيٰ جسواڻي، پنجاب جي نصر جهان اڪيڊمي گرلز هائر اسڪول چناب نگر جي شاگردياڻي عروا احمد، خيبرپختونخواهه جي آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول ڪراغ، چترال جي شاگردياڻي دُرِ ثمين جڏهن گلگت بلتستان مان آغان خان هائر سيڪنڊري اسڪول هنزا جي شاگردياڻي ارشيلا مراد پهرين صوبائي پوزيشن حاصل ڪيون.

بورڊ واسطيدار اسڪولن ۽ انهن جي شاگردن جي محنت، ڪاميابي، لڳاءَ ۽ ڪوششن جي ساراهه ڪئي.

آغا خان امتحاني بورڊ جي سِي اِي او ڊاڪٽر شهزاد جيوا ڄاڻايل نتيجن تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تعليم جو بنيادي مقصد شاگردن جي ايندڙ زندگي ۾ علم جي حاصلات لاءِ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ  تعليم تائين پهچ ۽ ضروري خوبيون پيدا ڪرڻ آهي.

هن چيو ته تعليمي اداري جي حيثيت سان اسان جي ذميواري آهي ته معياري تعليم جي نئين رجحانن کي نظر ۾ رکندي تعليم ۽ سکيا جي مختلف جديد طريقن کي اختيار ڪيون.

هن امتحاني نتيجن تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته آيل نتيجا شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگهي عرصي تائين سکڻ جي جستجو ۽ صلاحيتن جي عڪاسي ڪن ٿا.

آغا خان هائر سيڪنڊري اسڪول ڪراچي جي پرنسيپال ڊاڪٽر حنا چيو ته اهي نتيجا اسان جي شاگردن جي صلاحيتن ۽ محنت جو کليل ثبوت آهن ۽ اسان جي شاگردن جي جدت تي ٻڌل اختراعي سوچ اختيار ڪرڻ جي عزم جي ترجماني ڪن ٿا جيڪي آغا خان بورڊ جي قدرن جو بنياد آهن.

نصرت جهان اڪيڊمي گرلز هاءِ اسڪول چناب نگر جي پرنسيپال راشدا شعيب چيو ته آغا خان بورڊ جي سکيا واري انوکي طريقي جي ڪري ئي اسان جون شاگردياڻيون اعتماد سان مضبوط تعليمي بنيادن تي پوريون لهن ٿيون.

سندس چوڻ هو ته آغا خان بورڊ سڄي پاڪستان ۾ مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي سطح تي انوکو ۽ طاقتور ڪردار ادا ڪندي تعليم ۽ سکڻ جي طريقن کي بهتر بڻايو آهي. ان مقصد جي لاءِ معياري ٽيسٽنگ، استادن جي تربيت ۽ نصاب ۾ بهتري جي چونڊ کان مدد ورتي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.