ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڀرندڙ اداڪارا ميمونا قدوس اعتراف ڪيو آهي ته پهريون ڀيرو کيس نائين درجي ۾ پنهنجي پيءُ جي دوست جي پٽ سان محبت ٿي هئي ۽ هيل تائين ٻنهي وچ ۾ دوستي آهي.
اداڪارا تازو هڪ شو ۾ شريڪ ٿي جتي هن اداڪاري سميت ذاتي زندگي تي کليل نموني ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي ريت هو اداڪاري ۾ آئي.
ميمونا قدوس ٻڌايو ته کيس ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري ورتل آهي ۽ انٽرنشپ لاءِ جڏهن هو پي ٽي وي تي وئي ته کيس اداڪاري ڪرڻ جو شوق جاڳي پيو.
سندس چوڻ هو ته هن پراڊڪشن ۾ انٽرنشپ ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي مختلف پراڊڪشن هائوسز کي پيغام موڪلي اداڪاري جو موقعو ڏيڻ جو چيو ۽ هن پهريون آڊيشن اداڪار اعجاز اسلم جي پراڊڪشن هائوس ۾ ڏنو ۽ ان سان ئي پهريون ڊرامو به ڪيو.
ميمونا قدوس ڪيريئر جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن ٿورڙي وقت ۾ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ مختلف ڪردارن جي آڇ ٿي ۽ هيل تائين هو سڀني ڪردارن مان خوش آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو غلط آهي ته اڄوڪي دور ۾ سوشل ميڊيا فالوورز ڏسي ماڻهن کي ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته هر ڪنهن کي سندس ڪم جي بنياد تي موقعو ملڻ گهرجي.