چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) موٽرسائيڪل ٺاهي نه ڏيڻ تي ڪاوڙجي ٽن ڄڻن ڪاريگر کي تشدد ڪري ماري وڌو جڏهن ته مارجي مستري جي وارثن پاران روڊ تي لاش رکي احتجاج ڪيو ويو.
چنيوٽ جي علائقي ڀوانا ٿاڻي ۾ جوابدارن موٽرسائيڪل ٺاهي نه ڏيڻ تي ڪاريگر کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب موٽرسائيڪل ميڪينڪ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس عملدارن موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي ته طاهر عباس نالي موٽرسائيڪل ميڪينڪ وٽ خضر حيات، پٺاڻا ۽ تصور نالي ٽي ڄڻا آيا هئا جن کيس موٽرسائيڪل ٺاهي ڏيڻ جو چيو هو.
مستري وقت نه هجڻ ۽ موٽرسائيڪل ٺاهي ڏيڻ کان معذرت ڪئي جنهن تي هو مڇرجي پيا ۽ کيس تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.