گوگل 120 ايپس کي پاڪستان ۾ پلي اسٽور تائين هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهرين جي بليڪ ميلنگ ۾ ملوث غيرقانوني طور تي قرض ڏيندڙ ايپليڪيشنز کان شهرين کي بچائڻ لاءِ گوگل پلي ۽ ايپل اسٽورز تي موجود 120 غيرقانوني لون ايپس کي هٽايو ويو آهي.

اهو قدم ذاتي قرض ڏيڻ جي آڇ ڪندڙ ايپليڪيشنز بابت تازو پيش آيل واقعن جي ڪري کنيو ويو آهي.

سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان گوگل، ايپل ۽ پي ٽي اي جي سهڪار ڪيو آهي.

ايس اي سي پي موجب هنن نه رڳو لائسنس يافتا نان بينڪنگ فنانس ڪمپنين لاءِ پنهنجي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط ڪيو آهي پر عيرقانوني طور تي قرض ڏيندڙ ايپس کي بند ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اثرائتا قدم کنيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.