ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪنداسين: نگران وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪنداسين ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کڻنداسين.

نگران ڪابينا جي پهرئين اجلاس سان خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، اسان علامه اقبال ۽ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ مقرر وقت ۾ پاڪستان جي ترقي جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته مون کي پنهنجي ٽيم تي فرخر آهي، اها هڪ تجربي ڪار ۽ بهترين ٽيم آهي، يقين آهي ته الله پاڪ اسان کي ڪامياب ڪندو ۽ سڀني وزيرن مان اميد رکان ٿو ته اهي پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

سندس چوڻ هو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ آهي، رول آف آرڊر سان ئي قانون جي حڪمراني آهي، اسان قانون جي حڪمراني تي سوديبازي نه ڪنداسين.

نگران وزيراعظم 9 مئي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري کانپوءِ پيش آيل واقعن تي به مايوسي جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.